جيڪب آباد ۾اٽو مهانگو، پ پ ش ڀ جو مهانگائي خلاف احتجاج

جيڪب آباد (بيورو چيف ) جيڪب آباد پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف شھيد ڀٽو ھائوس کان سعيد احمد بروھي، نديم احمد قريشي، بابل ڪوريجو، عبدالسميع سومرو، نور محمد منجھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اٽو  ايترو ته مهانگو ٿي ويو آهي جو غريب ۽ مزدور پريشانين  کي منهن ڏيڻ لڳو آهي، پر افسوس جو سنڌ حڪومت مهانگائي ڏسي ڪري اگھور ننڊ ستل آهي، اٽي جو بحران سنڌ حڪومت پاران هٿرادو ڪيو ويو آهي، جيئن عوام پنهنجي سورن ۾ ھجي جيئن پنھنجا حق نه گھري سگھن،  جيستائين ھن ھٿرادو مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته  اسان پنھنجو احتجاج جاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.