هالا۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا اٽو نه ملڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ھالا (رپورٽ : عاقل ابڙو)ھالا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاران مھانگائي ۽ اٽو نه ملڻ تي روڊن تي نڪري آيا، شهدادپور روڊ تي ڳوٺ اجن شاهه وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ھالا، شهدادپورروڊ تان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ رڪجي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي اٽو نه ملڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن اجن شاهه، علي ساريو، رب ڏنو جوڳي،سائين ڏنو جوڳي، خالق ڏنو ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منافعي خور واپارين پنھنجا گودام ڀري ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏي آهي جنھن سبب اٽو مھانگو ٿي ويو آهي. ھنن چيو ته سرڪاري اگھ تي ملندڙ اٽو به من پسند ماڻھن ۽ دڪاندارن کي وڪرو ڪري ڏنو پيو وڃي جنھن سبب مزدوري ڪندڙ غريب مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آھن ۽ سندن ٻچا فاقه ڪشي ڪري رھيا آھن، ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اٽي جي بحران تي ضابطو آڻي اٽي جا اگھه گھٽايا وڃن. ٻئي ايس ايڇ او ھالا امام الدين ڏاهاڻي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ تان ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.