لاڙڪاڻي ۾ فنڪار جي سهائتا نه ٿي، راڳ ڳائي احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سچل ڪالوني رائيس ڪئنال جي ٽاپ واري علائقي جي رهواسي جهوني ۽ سينيئر ڪلاسيڪل راڳي استاد  امداد حسين حيدري ثقافت کاتي طرفان پرگهور نه لهڻ خلاف ۽ مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان راڳ ڳائي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته مون 11 سالن جي عمر کان وٺي فن جي خدمت ڪري مختلف وقتن تي پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، شاهه عبداللطيف، بلا شاهه، خواجه غلام فريد، شاهه شمس تبريز، حضور سائين، مصري شاهه، رکيل شاهه، چيزل شاهه حمل فقير، نواب ولي محمد فقير، استاد پيل قنبر، عثمان فقير سانگي، ڇتو فقير سانگي، غمدل سائين، بيدل بيڪس ،شاهه عبداللطيف ڀٽائي عرس ڪاميٽي، مصري شاهه ميموريل ڪاميٽي نصرپور، حمل فقير ڪلچرل ڪاميٽي سميت مختلف فنڪارن جي تنظيمن طرفان مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. هن چيو ته تازو برساتن ۾ منهنجي گهر ڊهي پٽ پئجي ويو ۽ هن وقت تائين گهر ٺهي نه سگهيو آهي هر سال 60 هزار روپيه وظيفي طور ڏنا ويندا آهن پر هن سال وظيفي جي رقم نه ملي سگهي، صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري ثقافت نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.