جيڪب آباد ۾ مهانگائي خلاف معذورن جو احتجاج

جيڪب آباد ( ڊر )  جيڪب آباد معذورن ملڪ اندر وڌندڙ مھنگائي خلاف حسين جان مينگل، محمد حسن بروھي، عاشق علي بروھي، شوڪت  لاشاري ۽ محمد اڪرم بروھي جي اڳواڻي ۾ شھيد الله بخش سومرو پارڪ کان ڊي سي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي هنن چيو ته  مھانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي اسان جي سکيا لاءِ سينٽر کي بند ڪيو ويو آھي، جيڪا اسان سان ناجائزي آھي، گونگن ۽ ٻوڙن جي جاءِ تي پنھنجا من پسند ماڻھون رکيا ويا آھن، اسين بار بار احتجاج ڪريون پيا پر اسان جو ڪوبه داد فرياد ٻڌڻ وارو ناھي اسين ڪيترا دفعا ڊي سي محمد يوسف شيخ سان مليا آھيون، پر اسان کي صرف دلاسا ڏنا وڃن ٿا، پ پ چيئرمين ۽  صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.