قمبر ۾ مهانگائي غريبن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

قمبر (ن ع آ) سنڌ سرڪار جو حڪم واپارين هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، اٽو، گيهه، تيل سميت ٻيون عام واهپي جون شيون آسمان تي پهچي ويون جنهن ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو، شهر جي انتظاميا اگھور ننڊ ستل اٽو 140 رپيا ڪلو، گيهه 500 رپيا ڪلو،کير 200 رپيا ڪلو  ۽ مرغي 640 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي. سنڌ سرڪار پاران اعلانيل سستي اگهه تي اٽو ڪٿي به نه ٿو ملي جڏهن ته يوٽلٽي اسٽورن تي اٽو ناياب بڻجي ويو يوٽلٽي اسٽورن تي گهيه غريبن کي مهيني ۾ ٽي ڪلو ڏنو ويندو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن منظور احمد،سعيد احمد،رضا محمد،علي حسن،شاهنواز ۽ ٻين چيو ته حڪومت جي نااھلي سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهن غريبن جي ڪابه واهر ڪونهي تعليم صحت پيئڻ جو پاڻي سميت هر شيء خريد ڪري رهيا آهيون اسان مزدور 700 سو ڏهاڙي ڪمائي گهر جو اٽو گهيه کير کنڊ پتي وٺون ٿا ان تي به حڪومت کي ٽيڪس ڏيون ٿا هنن اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي ته  خدارا نوٽيس وٺي عام واهپي جون شيون سستون ڪري غريبن کي جيئن جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.