اضافي فيس وٺڻ بند ڪريو، جيڪب آباد ۾ شاگردن جو احتجاج

جيڪب آباد ( رپورٽ: حضور بخش سومرو )  جيڪب آباد  ۾ شاگردن جو اضافي فيس وصولي خلاف  پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي عنايت الله پنھيار، جهانزيب سومرو، ريحان علي، سجاد علي سٻايو  ۽ ٻين چيو  ته سنڌ سرڪار اعلان ڪيو ھو ته تعليم مفت ڪئي ويندي ڪا به فيس  نه ورتي ويندي، سنڌ سرڪار پنهنجي ڪيل فيصلن تي عمل نٿي ڪري آخر ڇو، اسان تعليم جي صوبائي وزير کان پڇڻ چاھيون ٿا ته شاگردن کان فين واٺڻ وارو فيصلو واپس ڪيو وڃي، مھا ٻوڏ ۾ ماڻهو غريب مسڪين پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهن، غريب مسڪين ماڻهن جا شاگرد فيون ڪٿان ڀري سگھندا،  پ پ چئيرمين، وڏو وزير ۽ صوبائي وزير تعليم نوٽيس وٺي فيس وٺڻ وارو فيصلو واپس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.