حيدر آباد ۾ بيواهه جو ڌيءُ جي اغوا خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي هالاناڪي جي رهواسڻ بيواهه مسمات شبانه ڌي جي مبينھ اغوا خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو تھ 4 مهينا اڳ سندس نياڻي ڪاجل کي علائقي جا بااثر سوئي گئس آفيس هير آباد وٽان اغوا ڪري ويا آهن جيڪا اڃا واپس ناهي ملي. هن چيو ته اهڙي معاملي جي رپورٽ مارڪيٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جي روايتي سستي سبب جوابدار اڃا پڪڙ کان آجا آهن ۽ نياڻي به آزاد ناهي ٿي. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته بااثر شخص گرفتار ڪري نياڻي ڪاجل کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.