شادي پلي ڀرسان نينگر ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت

شادي پلي (ن ع آ) شادي پلي ويجهو ڳوٺ مير سليم ٽالپر جي رهواسي 7 ورهين جي معصوم نينگر ڀيمراج ڪولهي پٽ مائوجي ڪولهي کي سائينداد اسٽيشن وٽ راند ڪندي ريلوي لائن ڪراس  ڪرڻ دوران کوکراپار کان ميرپورخاص ويندڙ ٽرين ماروي ايڪسپريس  ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتجي ۾ معصوم نينگر سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي وارث بروقت حادثي واري هنڌ پهتا، جنهن کي طبي امداد لاءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال پٿورو بعد ميرپورخاص اسپتال نيو پئي ويو ته معصوم نينگر زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.