ميرپور بٺورو ڀرسان رڪشا ڪلٽي، 4 ڄڻا زخمي

ميرپور بٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺورو ويجهو دڙو بٺورو روڊ تي پانڌي اسٽاپ چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات فرزانا، معصوم ويرا، علي هولاڻي ۽ غلام حسين سولنگي سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ميرپور بٺورو منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رڪشا ڊرائيور ٻڌايو ته روڊ تي ڪتو اچي ويو جنهن کي بچائندي رڪشا ڪنٽرول مان نڪري کامي ۾ ڪري پيو، هوڏانهن ٽن زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمي ٿيندڙ مسمات فرزانا کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.