ڊجيٽل آدمشماري تي ڪيترائي خدشا آهن: نواز زئور

حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته ڊجيٽل آدمشماري جي باري ۾ اسان کي اڳواٽ ئي  ڪيترائي خدشا آهن. سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ ۽ 6 مهينن تائين جي رهائش رکندڙ ڌارين کي مڪاني طور ڳڻڻ جي معنا اها آهي ته سنڌ جي آبادياتي توازن کي هٿرادو طور خراب ڪيو ويندو. جنهن جو سڌو مقصد سنڌي قوم کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ ڏيکارڻ هوندو. جاري ڪيل بيان ۾ نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي پاسي شناختي ڪارڊ رکندڙ غيرملڪين کي مرضي موجب قوميت لکرائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. جيڪو عمل نه صرف متضاد آهي، پر سازشي عنصرن کي پڻ ظاهر ڪري ٿو. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته ٻين صوبن ۽ قومن جي ماڻهن کي سنڌ جي مستقل آبادي ۾ نہ ڳڻيو وڃي. حڪمرانن پنجاب کي ته سماجي، معاشي ،ثقافتي ۽ آبادياتي طور نج پنجابي علائقو بنائي رکيو آهي، پر سنڌ تي لڳاتار ڌارين جون لوڌون آنديون ويون آهن. هن چيو ته قومي پارٽي اهڙي ڪنهن به عمل کي قبول نه ڪندي، جنهن ۾ سنڌ اندر سنڌين جي دائمي اڪثريت کي نقصان رسايو ويندو. اسان آدمشماري جي مامري تي احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.