مڪاني چونڊ، ٺٽي جا ڪيترائي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

غلام الله (ن ع آ) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ضلعي ٺٽي جي اڪثر سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، ضلعي جي 40 يونين ڪائونسلن جي 40 ميمبرن مان 18 سيٽن تي اميدوار ڪامياب، ضلعي جي 60 يونين ڪائونسلن اندر 90 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي 9 وارڊن مان 2 وارڊن ۾ اميدوار ڪامياب ٿي ويا، باقي 7 وارڊن ۾ چونڊ وڙهي ويندي. مڪلي ۽ ساڪرو ٽائون ڪميٽي جي 18 وارڊن جي سيٽن تي 3 اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته باقي 15 ۾ مقابلي جي توقع آهي، جڏھن تـ تعلقي گهوڙا ٻاري جي ٽائون ڪميٽي جا سمورا ميمبر بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. ھوڏانھن يوسي غلام الله ۾ آزاد اميدوار سيد اياز علي شاھه بخاري، پيپلز پارٽي اميدوارن بابو عبدالعزيز ناھيو، ذڪريا بلوچ، آزاد اميدوار قادر بخش ميمڻ، محمد علي رند ۽ ٺٽي شھر جي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ٽوٽل 9 وارڊن مان 7 وارڊن تي اليڪشن ۾ آزاد اميدوارن پاران سرگرميون ۽ ورڪ تيز ڪئي وئي آهي. ٺٽي شھر جي مختلف وارڊن تي بيٺل آزاد اميدوارن جن جي قيادت سيد جاويد شاھه ڪري رھيو، جنھن ۾ مختلف اميدوار جنھن ۾ ناصر عباسي، اظھر گاھيو، شھروز چانگ، سيد نواز علي شاهھ رضوي، ارشاد حسين ناھيو، يار محمد منڇري شامل آھن. ٺٽي شھر جي مين شاھي بازار ۾ اليڪشن ورڪ ڪيو، جڏھن تـ آزاد اميدوارن پاران ٺٽي شھر ۾ پيپلز پارٽي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ چونڊ اتحاد ٺاھي اليڪشن ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رھيا آھن. ياد رھي تـه ضلعي ٺٽي ۾ حڪمران پارٽيءَ پاران ضلعي ڪائونسل سميت ٺٽي ضلعي جي واحد ميونسپل ڪميٽي ٺٽو، ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلز تي بيٺل مختلف تنظيمن ۽ آزاد اميدوارن کي مختلف ھيلن بھانن سان ڪٿي وري ڌڙڪن ۽ ڌاٻن جو ماحول پيدا ڪري اليڪشن تان دستبردار ڪرائي ھٿ کڻائڻ وارو سلسلو وڏي زور شور سان جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.