ميرواهه گورچاڻي ۾ بيواهه جو بااثر خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

ميرواھ گورچاڻي (ن ع آ)   ميرواھ گورچاڻي لڳ ڳوٺ بادل شاهه جي رهواسڻ غريب پورهيت بيواهه مسمات مائي جدو قمبراڻي ۽ سندس  ڀاڄائي مسمات مور زادي صحافين اڳيان سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڳوٺ جي با اثر زميندار جي چرچ تي سندس سئوٽ عرفان آرائين، احمد آرائين، دانو آرائين هٿيارن جي زور تي منهنجي ٻن پٽن علي ۽  سالار لاکو کي سخت مارڪٽ ڪري رسن سان ٻڌي کڻي ويا جيڪي پنهنجي اوطاق تي لوهي لٺن ڪهاڙين جي پهائن سان ماري ماري مرڻينگ ڪري ڪٿي گم ڪري ڇڏيو، اسان  گذريل ڏينهن کان وٺي ڳولي ڳولي ٿڪجي  پيون آهيون، پر ڪٿي به ڏس نه ٿو پوي، هنن اسان کي ٻڌايو ته اوهان جي پٽن اسان جي چوري ڪئي اٿن، اسان غريب مسڪين پورهيت ماڻهو روزانو مزوري ڪمائي پيٽ گذر ڪيون ٿا منهنجي ٻچڙن ڪاب چوري ناهي ڪئي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي منهنجي ٻچڙن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. بااثر زميندار ۽ سندس ڀائرن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي آڻي پٽ واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ آئون پنهنجو پاڻ کي ٻاهي ڏيئي ساڙي ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.