امتحاني فيس وٺڻ خلاف گسٽا ميرو خان پاران احتجاج

ميرو خان (ن ع آ) نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحاني فيس وٺڻ تي گسٽا تعلقي ميرو خان جي سڏ تي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ميرو خان جي  شاگردن ۽ استادن طرفان بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي گسٽا اڳواڻن محمد يونس چانڊيو، مداح حسين جويو، حسام الدين گوپانگ، ياسر حسين تنيو، اعجاز علي تنيو، رستم علي تنيو، محمد اسحاق تنيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته بي آءِ ايس اي لاڙڪاڻي طرفان نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحاني  فيس مقرر ڪرڻ وارو فيصلو انتھائي مذمت جوڳو عمل آهي ڇو ته اسان جي علائقن ۾ غربت وڌيڪ آهي ۽ تازو برساتن سبب ماڻهن جا گھر ۽ فصل تباھه ٿي ويا. ان سنگين ۽ ڏکئي صورتحال ۾ شاگردن کان فيس وٺڻ وارو فيصلو سمجھه کان ٻاهر آهي. ھنن چيو ته فيس جي ڪري اسڪولن ۾ شاگردن جو ريشو تمام گھٽجي ويندو ۽ تعليم اڳئي متاثر ٿي رهي آهي. ٻئي طرف لاڙڪاڻو بورڊ طرفان فيس وٺڻ تي به شاگرد ۽ والدين تمام گھڻو پريشان آھن. شاگردن ۽ گسٽا اڳواڻن لاڙڪاڻو بورڊ کان فيس وارو فيصلو واپس وٺي اڳ جيان مفت تعليم جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.