ميرپور ٻرڙو لڳ جوا اڏي تي ڇاپو، 3 جواري گرفتار

ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مرزا واهه وٽ پوليس ايس ايڇ او جان محمد اوٺو جي اڳواڻي ۾  جوا جي ٽڪري تي ڇاپو هيو.  جنهن تي پوليس کي ڏسي ڪيترائي جواري فرار ٿي ويا. پوليس 3 ڄڻن واجد ٻرڙو. جاني کوسو ۽ طارق ٻرڙو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ٽڪري تان تاش جا پتا هٿ ڪيا. جڏهن ته پوليس 3 ڄڻن طارق ٻرڙو، جاني کوسو، واجد ٻرڙو  سميت 7  اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.