نوشهري جي اسڪول ۾ ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور

نوشهروفيروز ( ڊر ) نوشهرو فيروز يوسي وڳڻ جي ڳوٺ سيد جعفر  لال بخش چانڊيو پرائمري اسڪول جي عمارت  مسمار ٿيڻ سبب معصوم  ٻار سردي ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، آر ايس يو ضلعي ڪو آرڊينيٽر طارق سومرو پاران اسڪول جو دورو ڪيو، يونيسيف پاران هلندڙ پراجيڪٽ  مان 72 ميٽر جو ٽينٽ اسڪول ۾ قائم ڪيو ويو، جڏهن ته اسڪول جي هيڊ ماستر جاويد علي سيال، طارق علي سومرو جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسڪول ۾ 100 کان وڌيڪ شاگرد آھن اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري شاگرد سردي ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي استاد عبدالغفار ڏيٿو، محمد آچر ڏيٿو، محمد عمر ڏيٿو،   سرفرز احمد عمراڻي موجود هيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.