ڏهرڪي مان اغوا ٿيل 2 نينگريون آزاد نه ٿيون، عورتن جو احتجاج

ڏهرڪي ( رپورٽ :  اسد لغاري ) ڏهرڪي جي بشير ڪالوني مان هڪ هفتو اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ڀٽي برادري جي ٻن نينگرين ڪوثر بيبي ۽ نشا جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ،ان ڏس ۾ وارث عورتن جو نينگرين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو، مبينا اغوا ٿيل ڪوثر بيبي جي ماءُ صلاتون بيبي ،ناني مسمات راڻي ،زينب ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ عطا محمد سومرو ۽ حشام سومرو اسان جي ٻن نينگرين کي هٿيارين جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آهن،  جنهن جي اغوا جو ڪيس به ڏهرڪي ٿاڻي تي عطا محمد سومرو ۽ حشام سومرو تي داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ پوليس هڪ ڄڻي حشام سومرو کي گرفتار ڪرڻ بعد ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي ، اسان ٿاڻي تي وڃون ٿا ته پوليس ڌڪا ڏئي موٽائي ڇڏي ٿي ،پوليس چوي ٿي ته توهان جي ڇوڪري نڪاح ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف سومرا برادري جي طرفان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن،  اغوا ٿيل نشا ڀٽي جي عمر ست سال آهي هنن چيو ته هي هڪ اغوا ڪندڙن جو گروھ آهي، جيڪو پيئسن عيوض نياڻين جو وڪرو ڪندا آهن اغوا ڄاڻايل ڪوثر بيبي جي امڙ صلاتون بيبي روئيندي چيو ته اگر منهنجي ڌيءَ واپس نه ڪرائي وئي ته مان پنهنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس، اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.