خيرپور ۾ اٽي جو اگهه 20 ڪلو چڙهي ويو، پورهيت ذهني اذيت ۾مبتلا، ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ضلعي انتظاميه ۽ ڪڻڪ جي واپارين سان ملي ڀڳت ڪري اٽي جو شديد بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي، اٽي جو في ڪلو 140 کان 160 روپيا وڪامڻ لڳو شھر ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون مشينون بند شھري اٽي جي کوٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف شھر جي رستن تي نڪري آيا، ڳاڙھي پل وٽ ۽ لقمان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا،  جنھن جي اڳواڻي مرزا شمس الدين ،ديوان پيسو مل،علي خان،رحمان ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته ديوان شنڪر لال ۽ ديوان جھانن داس لقماني لکين روپيا فوڊ کاتي جي آفيسرن کي رشوت ڏئي خريد ڪري ڇڏيو آهي ۽ فوڊ کاتي جا آفيسر شنڪر لال،پپو شيخ ۽ جھامن داس کان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي ڪڻڪ نه ٿا ڏين، ھنن وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ فوڊ کاتي جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته خيرپور ۾ ڪڻڪ جي ھٿرادو شديد کوٽ ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪري شھر مان اٽي جي کوٽ ختم ڪرائي وڃي، ٻئي صورت ۾ شھري روڊن تي نڪري ڌرڻا هڻندا جنھن جي ذميواري ضلعي انتظاميه تي ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.