جوهي ۾ نوجوان مٿان چرس جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڌرڻو

جوهي  (  ن ع آ  ) جوهي  جي  باهوٽا محله جي رهواسي عبدالوحيد باهو ٽو کي گرفتار ڪري مٿان چرس جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سندس امڙ، ڀائرن مسمات حاجران، مسمات صائمه، مسمات اميران گلزار ، عمران باهوٽو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري  نيشنل پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي عبدالوحيد باهوٽو جي امڙ ڀائرن ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته سياسي مخالفت سبب نوجوان عبدالوحيد کي تعلقه اسپتال جوهي اڳيان زبردستي گرفتار ڪري مٿس چرس وڪرو ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري دادو جيل موڪلي ناانصافي ڪئي آھي، ھنن سيشن جج دادو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عبدالوحيد باهوٽو مٿان داخل ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.