دولتپور صفن ۾ سماجي اڳواڻ چرس ڪيس مان بري، ريلي

دولتپورصفن ( ن ع آ ) دولتپورصفن جي سماجي اڳواڻ ، ملاح برادري جي چڱي مڙس علي بخش ملاح کي سياسي انتقامي طور کيس سڪرنڊ  ٿاڻي تي چرس جي ڪيس ۾ گرفتار ۽ جيل حوالي ڪيو ويو هو ، جنهن بعد سيشن ماڊل ڪورٽ نوابشاھ سندس مٿان ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي کيس باعزت بري آزاد ڪري ڇڏيو ، ان سلسلي ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار طور بيٺل سماجي اڳواڻ علي بخش ملاح جي آزادي جي خوشي ۾ تعلقي قاضي احمد جي شهرن قاضي احمد ، نواب ولي محمد ، شاهپورجهانيان ۽ دولتپورصفن جي ملاح برادري سميت ٻين برادري سوين ڪارن ۽ موٽرسائيڪلون جي ريلي ڪڍي جلوس جي شڪل ۾ دولتپورصفن شهر مان گذري ته شهرين ، دڪاندارن ، ڪاروبارين سندس مٿان گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملاح برادري جي چڱي مڙس ۽ سماجي اڳواڻ علي بخش ملاح چيو ته  مونکي عدالت سڳوري مان مڪمل اعتماد هو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.