ڪشمور پوليس جي ڪارروائي، ڏوهاري فرار، گهرن کي باهه

ڪنڌڪوٽ / غوثپور (نمائندن وٽان) ڪشمور_ڪنڌڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن ڪنڌڪوٽ، بخشاپور، سي آءِ اي ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي  سب ڊويزن پوليس پاران ڪچي جي جمال واري علائقي ۾ نندواڻي گينگ جي ٺڪاڻن تي چڙھائي ڪئي. ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن جي نفري پاران اي پي سي چين پوليس موبائيلون ۽ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن آپريشن ۾ حصو ورتو. پوليس موجب پوليس ڪاروائي دوران ڏوهاري پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا ۽ هنن جي ٿاڪن مان 2 راڪيٽ لانچرن جا گولا هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب هي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري رهنديون. پوليس موجب هي ڪاروايون ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ جي هدايتن تي ٿي رهيون آهن. رابطو ڪرڻ تي سي آءِ اي انچارج شوڪت شاهاڻيءَ ٻڌايو ته جمال واري علائقي ۾ انعام يافته ڌاڙيلن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، پر جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڏوهارين جي ڪجهه گهرن کي ساڙي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمال واري علائقي ۾ ڏوهارين جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.