ڪنڌڪوٽ ۾سک برادري جي گھرن کي باهه، احتجاج

ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالستار ڀيو ۾ سک برادري جا گھر بجلي جي شاٽ سرڪٽ سبب چار گھر سڙي رک ٿي ويا، متاثر سيءَ ۾ کلي آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار ويٺل  آهن. متاثرين جي انتظاميا طرفان ڪابه واھر نه ٿيڻ خلاف متاثرين ڪنور سنگھه، ڀڳوان سنگهھ، مائي سوناريءَ ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاھرين داھيندي چيو ته اسان جي 4 گھرن کي باھه لڳي وئي گھر ۾ رکيل سامان اناج سڙي رک ٿي ويو آهي. گھر ۾ پيل نياڻي جو ڏاج  به سڙي رک ٿي ويو آهي، اسان وٽ انتظاميا طرفان ڪير لڙي ڪان آيو آهي مدد ڪرڻ اسان جا ٻار سيءَ ۾ پٽ تي ويٺا آهن، اسان غريب مسڪين روز ڪمائي کائڻ وارا آھيون. ھنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو خدارا اسان جي مدد ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.