لاڙڪاڻي ۾فيس جي اوڳاڙي خلاف شاگردن ۽ استادن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ تعليمي بورڊ طرفان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان امتحاني فيس جي آڙ ۾ غيرقانوني ۽ جائز فيس جي اوڳاڙي خلاف اٺين ڏينهن به شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڪلاسن جو  بائيڪاٽ ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪمشنر احتجاج ڪندڙ اسڪولن جي هيڊ ماسترن خلاف سخت ڪاروائي جو فيصلو ڪندي انتظاميه کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪندري اسڪول جي ايف علي حسن کوکر، استادن جواد جعفري، بقاءَ الله بوزدار، اياز علي لغاري، محمد عيسيٰ ميمڻ، ۽ ٻين اسڪول جي مُک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول جي استادن سجاد حسين جعفري، نياز حسين سومرو، ، شاگردياڻين، هديه بتول  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين مسلسل اٺن ڏينهن کان روڊن تي نڪري سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل اختيارين ۽ انتظاميه شاگردن جي احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو جنهن ڪري تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي انتظاميه نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان امتحاني فيس جي آڙ ۾ غيرقانوني ۽ ناجائز اوڳاڙي ۾ مصروف آهي. فيس وارو فيصلو واپس وٺي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.