جاتي (ن ع آ) جاتي جي صحافي ڪريم بخش سميجو جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس جنازو سميجن جي پاڙي وارڊ 4 مان کنيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ اڳواڻو صوبائي وزير حاجي عثمان ملڪاڻي، پيپلز پارٽي اڳواڻ دانش ملڪاڻي، اعظم ملڪاڻي، سيد منور علي شاھه شيرازي، عبدالستار لوهار، مامون قريشي، يوسف ميمڻ سميت مائٽن، دوستن، صحافين ۽ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مرحومه جي جنازي نماز درگاھه مگرڀين قبرستان جي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.