شھدادپور ڀرسان اسڪول ۾سهولتن جي کوٽ، شاگرد پٽ تي پڙهڻ لڳا

شھدادپور )ن ع آ(  شھدادپور ڀرسان ڳوٺ بخشو خان نظاماڻي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ ۽ اسڪول جا شاگرد سرن تي  ويهي تعليم پرائڻ لڳا. اسڪول ۾ 42 ڊيسڪون موجود آھن، شاگردن جو انگ اڍائي سو هئڻ ڪري استاد مجبوري ۾ ٻارن کي سرن تي ويهاري تعليم ڏيڻ لڳا. اسڪول جي استاد ٻڌايو ته اسڪول ٽنڊوآدم جي حد ۾ هئڻ ڪري اتان جي آفيسرن کي آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن جي هيٺ ويهڻ تي ڏک ٿئي ٿو. هن چيو ته سرندي وارا ڏسن ٿا پر ڪير به هي مسئلو حل نه ٿو ڪرائي. هن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي فرنيچر ڏئي شاگردن جي ويهڻ جو مسئلو حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.