نوابشاهه ۾ مهانگائي ۽ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه ۾ مهانگائي ۽ بدامني وڌندڙ خلاف سوشل ورڪر ۽ اسٽوڊنٽ فيڊريشن پاران نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن سلمان ڪيريو، شاهزيب عالماڻي، امير رند، امير ڀنگوار، حسنين عباسي ۽ ٻين چيو ته مهانگائي عروج تي چڙهڻ سبب شهر اندر ڦُرن چورين ۽ ڌاڙن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي دوڪانن، گهرن ۽ رستن تان عوام کان سرعام ڦُر ڪئي پئي وڃي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ يوٽيلٽي اسٽور ۽ ميڊيڪل اسٽور تان سرعام لکين روپيا ڦُر ڪيا ويا هن مهل تائين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بد امني خلاف ڪاروائي  ڪري سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.