15 جنوري کان اڳ ڄامشورو اتحاد ختم ٿي ويندو: ملڪ اسد

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄاشورو جي ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ مگسي برادري جي  جي چڱي مڙس محمد اسلم مگسي پاران پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر جي مان جلسو منعقد ڪيو ويو،جلسي دوران ملڪ اسد سڪندر خطاب ڪندي چيو ته محمد اسلم مگسي ۽ سندس برادري کي جس هجي جنهن هن قسم جو شاندار جلسو منعقد ڪري مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن, هن چيو ته 15 جنوري تي سموري ضلعي مان پاڪستان پيپلزپارٽي جا بيٺل اميدوار ڪاميابي ماڻيندا ڇو ته اسان هميشه ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ان لاءِ ضلعي جو عوام اسان سان محبت ڪري ٿو 15 جنوري کان اڳ ڄامشورو اتحاد ختم ٿي ويندو ڇو ته انهن جا اميدوار پي پي  ۾ شموليت اختيار ڪري چڪا آهن ۽ ڪجھ اميدوار رهيل آهن اهي به جلد پي پي ۾ شامل ٿي ويندا بلدياتي چونڊن ۾ مخالفن کي هڪ به سيٽ نصيب نه ٿيندي باقي هاڻ وڃي 2023 جنرل اليڪشن جي تياري ڪن, هن چيو ته ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا اتحاد ٺهيا آهن اسان کي ڪو به فرق نه پيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.