معاشي گھوٽالو ڪٿي دنگ ڪندو؟

تحرير: گل محمد منگي

ھڪ طرف ماڻھو اٽي جي پويان خوار آھن ۽ قطارون لڳائي سستو اٽو حاصل ڪرڻ واسطي جان جي بازي لڳائڻ کان به نه ٿا مڙن ۽ واپاري ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سي) نه کلڻ سبب امپورٽ نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪري رھيا آھن ته ٻئي طرف سرڪار اھا دعوا ڪري رھي آھي ته ملڪ ڏيوالو نڪرڻ واري خطري مان نڪري چڪو آھي۔ اھڙي صورتحال ۾ جڏھن سالن کان حڪمران عوام اندر پنھنجي ساک وڃائي چڪا ھجن ڪھڙي طرح ماڻھو سرڪار جي دعوائن تي اعتماد ڪري سگھن ٿا!

ملڪ ۾ حڪمراني جي جڏھن ڪا رٽ نه رھي ھجي ۽ ھر ادارو پنھنجي طور تي پنھنجي الڳ رٽ ھلائي رھيو ھجي۔ نه عدالتن جو وقار رھيو ھجي ۽ نه وري ٻين ادارن جي ڪا ڪارپت باقي رھي ھجي۔ اھڙي صورتحال ۾ اردو ۾ چوندا آھن ته ”ٻڪري جي ماءُ ڪيستائين خير منائيندي”۔ اھڙي سنگين صورتحال جي باوجود به چون ٿا ته حاجي صاحب ٻارھن سئو ارب رپين جو ٻرو ڏئي روانگي اختيار ڪري چڪو آھي ۽ حد ته اھا آھي جو جن ايف بي آر جي آفيسرن سندس اھي اثاثا وائکا ڪيا آھن انھن کي شاباش ڏيڻ جي بجاءِ  الٽو گرفتار ڪيو ويو آھي۔ يعنر سڄو سسٽم ڪوڙ ۽ ٺڳي تي ٻڌل آھي ۽ جيڪو به ٺڳي جي ٺاھ تي راتاھو ھڻندو ان جو خير ڪونھي!!

سرڪاري انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ پرڏيھي مٽا سٽا جا ذخيرا خير سان ختم ٿي چڪا آھن ۽ جيڪي پيا آھن اھي اوڌر تي ورتل آھن جيڪي رڳو ڏيکاري سگھجن ٿا باقي استعمال نه ٿا ڪري سگھجن۔ جيئن چڙيا گھر جي شينھن کي اوھان ڏسي ته سگھو ٿا پر ان کي ھٿ نه ٿا لائي سگھو۔ ھٿ لائيندا ته اوھان جي ھٿ جو خير ناھي۔ اھڙي سنگين قسم جي معاشي گھوٽالي جي باوجود حڪمرانن جي عياشين ۾ ڪمي نه آئي آھي ۽ ھنن جون عياشي ۽ شاھي خرچ جاري آھن ۽ ھنن ٻاھرين ملڪ مان ھڪ سو مرسڊيز ڪارون گھرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي!! ان کي سنڌي ۾ چئبو آھي "ھڪ اڻھوند ٻيو افعال بڇڙا”۔

ھڪ طرف اٽي لاءِ  صفا پريشان آھي ته ٻئي طرف امپورٽ صفا بند آھي۔ يعني اوھان ٻاھرين ملڪن مان شيون نه ٿا گھرائي سگھو۔ دوائون ٺاھڻ جي شين کان ويندي جراحي جا اوزار ۽ ان سان گڏ کاڄڙو تيل ۽ ٻيو سامان به نه ٿا گھرائي سگھو۔ سڀني کي خبر آھي ته پاستان ھڪ ڪنزيومر (واھپيدار) ملڪ آھي۔ صنعت نه ھجڻ جي برابر آھي ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪري ڪا به ڪلسي ڪونھي ۽ سمورا ادارا ويھجي چڪا آھن نتيجي ملڪ جي ڏيوالي نڪرڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن پر اھڙين حالتن ۾ به ملڪ کي ڏيواپڻي مان ڪڍڻ واسطي انھن ساڳين ماڻھن کي مسلط ڪيو ويو آھي جن ملڪ کي ھن حالت تائين پھچايو آھي!! يعني غلط انجيڪشن ھڻي مريض کي موت ۾ ڌڪڻ واري ڊاڪٽر تي علاج ڪرائڻ لاءِ  گھرايو ويو آھي!! يعني وري مريض کي مستقل صحتياب ڪرڻ جي بجاءِ  بس ايترو ٺيڪ ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن ته جيئن ھلڪو ڦلڪو ھلڻ لائق ٿئي ۽ وري ان مان رھيل سھيل ست ڪڍي ان جو ڍينگو ڍيري ڪجي۔ ڪرپشن وارو ڌنڌو ھلندو رھي ۽ جيترو ٿي سگھي ھن جي ڪنگالپڻي مان به فائدو وٺجي۔

ان جو صاف مطلب آھي ته اسان ماضي مان ڪو سبق نه پھريان سکيو آھي ۽ نه وري ھاڻي سکڻ لاءِ  تيار آھيون۔ ھن وقت ملڪ وينٽيليٽر تي آھي ۽ پاڻ وارا حڪمران ان کي رڳو ايترو ٺيڪ ڪرڻ جا جتن ڪري رھيا آھن جيترو انھن جي مفادن لاءِ  ضروري آھي۔ ھڪ طرف ملڪ اندر اڳ ۾ ئي شورش برپا آھي ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت واضع ڪري ڇڏيو آھي ته انھن وٽ اھڙا ھٿيار ئي نه آھن جو طالبان سان مھڏو اٽڪائي سگھن ته ٻئي طرف وري بلوچستان جون حالتون به صفا خراب ٿي چڪيون آھن۔ سنڌ ۽ پنجاب ۾ حالتون ٺيڪ نه آھن۔

اھڙي صورتحال ۾ اھو عارضي علاج ڪرائڻ سان مرض ٺيڪ ٿيڻ جو ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي۔ جيڪڏھن خدانخواسته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو ته پوءِ  حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون۔ ان سان اھو ٿيندو ته پاڪستان مان سيڙپڪار ڀڄي ويندا ۽ ڪو به ملڪ پاڪستان سان ڪاروبار نه ڪندو۔ ايشين ٽائيگر ڍير ٿي ويندو ۽ ملڪ ۾ دوائن سميت انھن سمورين شين جي قلت پيدا ٿي ويندي جيڪي ٻاھرين ملڪ مان گھرايون وينديون آھن۔ نتيجي ۾ جڏھن ماڻھن کي کاڄڙو تيل،اٽو وغيره نه ملندو ته افراتفري جو عالم پيدا ٿي ويندو۔ ھر طرف ڀڃ ڊاھ ۽ ڦرلٽ شروع ٿي ويندي جنھن روڪڻ ممڪن نه ھوندو۔

ھرو ڀرو ائين به نه آھي ته پاڪستان ڪو پھريون ملڪ ھوندو جنھن جو ڏيوالو نڪرندو۔ تازو سريلنڪا جو به ڏيوالو نڪتو آھي ۽ اتان جون حالتون اسان جي آڏو آھن ۽ ھن مھل تائين دنيا جي 130 کان وڌيڪ ملڪن جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي۔ پر اسان جو ڪيس ان جي ڪري ڳنڀير آھي جو پاڪستان ھڪ گھڻ قومي ملڪ آھي۔ ھتي لساني ۽ فرقيوارانا مسئلا به ڪر کنيو بيٺا آھن انڪري ڪنھن به بنگلاديش جھڙو ڪو سانحو يا خانه جنگي جھڙي ڪنھن امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگھجي۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.