آڪاش ٽکڙائي جي شاعري جي ڪتاب "انسان وڪامي ٿو” جو اڀياس!

تحرير: ساجد مسڻ

عبدالستار ڳنڀير جنهن جو شاعري ۾ تخلص "آڪاش ٽکڙائي” آهي، عبدالستار جهڙي طريقي سان تعليمي ميدان ۾ امير آهي، ساڳي طريقي سان شاعري واري ميدان ۾ به اوترو ئي امير آهي.تعليمي لحاظ کان سندس ڊبل ماسٽر آهي، هڪڙي ماسٽر ايم بي اي (آنر سائيڊ) کان سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ريگيولر سٺن نمبر ۾ ٿيل آهي.ٻي ماسٽر وري ادب سان دلچسپي هجڻ ڪري سنڌي سبجيڪٽ ۾ ماسٽر ڪئي اٿائين. پيشي جي لحاظ کان نه چاهيندي به کيس پوليس ڊپارٽمينٽ نصيب ۾ آيوکيس ادب سان دلچسپي ته ننڍي هوندي کان ئي رهي آهي، شاعري پڙهڻ ۽ شاعري ڪرڻ سندس پسنديده مشغلو رهيو آهي، ائين ئي هي يار مسلسل شاعري ڪندو رهيو آهي، جو هيستائين ٽي شاعري جا ڪتاب سنڌي ادب کي ڏئي چڪو آهي، جن ۾ سندس پهرين تخليق "چنڊ بنا آڪاش اڌورو” آهي، جنهن جو هاڻي ٻيو ايڊيشن 2023ع ۾ اچڻ وارو آهي. سندس ٻيو ڪتاب "توکي ياد ايندس مان” 2014ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد – لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو آهي، جڏهن ته ٽيون ڪتاب ٽيون ڪتاب ” انسان وڪامي ٿو” 2022ع ۾ موسي’ پبليڪيشن ڄامشورو طرفان شايع ٿيو آهي.

عبدالستار کي انڪري به ادبي دنيا سان دلچسپي رهي آهي جو سندس ڳوٺ وسي ملوڪ شاھ ٽکڙ ڄڻ ته ادب جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو رهيو آهي. جنهن ڳوٺ جا ادبي سڃاڻپ جا حوالا امداد حسيني،تاج ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي ۽ ميڊم نورالهدا شاھ ئي ڪافي آهن. آڪاش ٽکڙائي، وقت حالتن، ظلم، ڏاڍ، جبر سان به جنگ جوٽيندو اچي ٿو. سندس مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو به ڪمال جو اٿس، پنهنجي ديس ۽ وطن جي ماڻهن سان کيس ازلي محبت، الفت، قربت، پيار ۽ پنهنجائپ وارو رشتو آهي، جيڪو ڀرپور طريقي سان نڀائيندو پيو اچي. وڏيرڪي سوچ، انا ۽ نظريي تي به پنهنجو زبردست خيال پيش ڪيو اٿائين. لکي ٿو ته :

تون ته کنيو آ ڪوڙ جو ٺيڪو،

سچ  جو  آهي  بار اسان   تي،

جاهل  پٽ  کي  اڄ   ڀوتارن،

مڙهيو  آ  سردار  اسان   تي،

ڪالهھ ڏنيون سين جنکي پناهون،

سي  اڄ  دعويدار  اسان  تي.

مونکي آڪاش ٽکڙائي جو هي ڪتاب "انسان وڪامي ٿو” پڙهندي اکين مان وير وهي آيا، سندس سادگي، حقيقت پسندي ۽ خودداري ته ڏسو جو هڪ بابا جي نالي لکيل غزل ۾ ڪيڏو ثابت قدم ٿي کرو سچ لکيو اٿائين. مون اڪثر ڏٺو آهي ته ماڻهو پنهنجي اصليت، عارضي عهدو يا مقام ملڻ سان مٽائي ڇڏيندا آهن، کين پنهنجو ماضي ڄڻ شرمساري جو گهر محسوس ٿيندو آهي، حال تي اُرها سُرها ۽ فخر محسوس ڪندا آهن، پر هي حقيقت پسند شاعر ٿي بيٺو آهي.

 

تنهنجا ڦاٽل  ڪپڙا   ڏسندي   روئي  ڏنم،

تنهنجا  سور صدين  جا لکندي روئي ڏنم،

بابا     تنهنجي   ڦاٽل    چادر    ياد   پئي،

مخمل جي بستري تي سمهندي روئي ڏنم،

منهنجي  اوچي  منزل  تنهنجي   پيرن  ۾،

بابا  جي  پيرن  تي جهڪندي  روئي ڏنم،

يادن   ۾   آڪاش   اکيون   ڀرجي   آيون،

ڍير    دعائون      گهرندي    روئي     ڏنم.

پاڻ هن ڪتاب ۾ ڪافيون به لکيون اٿائين، سندس ڪافي جو هڪڙو مصرعو هتي پيش ڪجي ٿو.

هن عشق   جي  دنيا  جو  هي  دستور  رهيو  آ

جنهن  کي  ٿي  گهري  دل سو  سدا  دور رهيو آ،

پر هاڻي ڪنهن دستور کي دل ڪونه مڃي  ٿي.

سانيٽ ان نظم کي چئبو آهي، جنهن ۾ 8 سٽون اچن ٿيون.

پاڻ سانيٽ لکڻ وقت به اسان کي سماج جو آئينو ڏيکاريو آهي.

ان جو هڪڙو مثال هت پيش ڪجي ٿو.

 

ڇو   ڀلا    مظلوم    آ    دربدر،

حق خاطر شور آهي هر طرف،

ڪيترا  قانون  ٺاهيو  ٿا  مگر،

پيسبو ڪمزور آهي هر طرف،

هيءَ غريبي ئي هدف آسان آ،

۽  اميرن  لئي  پروٽوڪول  آ،

ٿي ويو تقسيم ڪئين انسان آ،

گهُٽ ۽ ٻوساٽيل جو ماحول آ.

اسان انسان ڏاڍا تيز، تڪڙا ۽ جلدباز ٿيندا آهيون، جيڪڏهن پنهنجا مفاد پورا نه ٿيندا آهن ته اسان جلدي ۾ رشتا ٽوڙي ڇڏيندا آهيون. آڪاش ٽکڙائي اسان کي پيغام ڏيندي لکي ٿو ته.

رابطا ٽوڙڻ  ۾  تون  جلدي  نه  ڪر،

زندگيءَ ۾ هي  وڏي غلطي  نه ڪر،

ٿي سگهي ٿو ڪو رُٺل موٽي اچي،

پاڻ   تي  ايڏي    سختي  نه   ڪر.

مطلب ته شاعر جنهن به منظر کي ڏسي ٿو، ان کي لفظن جو سهڻو ويس پارائي پنهنجي خوبصورت تخليق شاعري ذريعي اسان اڳيان پيش ڪري ٿو.هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر فتح علي مخلص ٽالپر لکيو آهي، جڏهن ته پيش لفظ وري حافظ نظاماڻي لکيا آهن، هي ڪتاب موسي’ پبليڪيشن ڄامشورو طرفان شايع ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.