سنڌ، نئين ڊجيٽل آدمشماريءَ کي رد ڪري ٿي

ملڪ ۾ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽڪس پاران نئين ستين ” ڊجيٽل آدمشماري“ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. جنهن لاءِ چارج سپرنٽينڊٽس، سرڪل سپروائيزر ۽ انيومريٽر کي مقرر ڪيو ويو آهي.انهن مان وري بلديات کاتي جي آفيسرن، اسسٽنٽ مختيارڪار، تپيدار، هيڊماستر، سينيئر استاد ۽ ٻين کي چارج سپرٽينڊنٽس مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ عملي جي ٽريننگ جو به عمل شروع ٿي ويو آهي. عملي پاران عمارتن، گهر گهر وڃي ماڻهن جي ڳڻپ ڪرڻ جو عمل ايندڙ فيبروري مهيني کان شروع ڪيو ويندو ۽ اهو 4 مارچ تائين جاري رهندو. 15 مارچ کان 15 اپريل تائين آدمشماريءَ جي گڏ ڪيل انگن اکرن جو ٻيهر سروي ڪيو ويندو ۽ نتيجن کي آخري شڪل ڏيڻ کانپوءِ 30 اپريل تي نئين ڊجيٽل آدمشماريءَ جا انگ اکر اليڪشن ڪميشن پاڪستان کي ڏنا ويندا.

نئين آدمشماريءَ تي 34 ارب رپيا خرچ ايندو. ان لاءِ سنڌ سان گڏ سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 26 هزار کان مٿي عملو مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن کي هڪ لک 26 هزار ٽيبليٽ مهيا ڪيا ويا آهن. نئين آدمشماريءَ تحت ڳڻپ جا انگ اکر مينوئل بدران ڊجيٽل ٽيبليٽ ذريعي داخل ڪيا ويندا. ڊجيٽل سسٽم نادرا جي سسٽم سان ڳنڍيو ويندو. جنهن تحت داخل ٿيندڙ انگ اکر نادرا جي رڪارڊ ذريعي تصديق ڪرائي سگهبا. نئين آدمشماريءَ ۾ طلاق يافته ماڻهن جي به ڳڻپ ڪئي ويندي ۽ خواجا سرائن جي به پر اها الڳ سان. نئين آدمشماريءَ ۾ شهرين کي سسٽم ذريعي پنهنجي ڊيٽا پاڻ داخل ڪرڻ جي به اجازت هوندي. ان لاءِ شهرين کي پنهنجي ڊيٽا ايپليڪيشن ذريعي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ 15 ڏينهن ڏنا ويندا. تنهن کانپوءِ عملي پاران گهر گهر وڃي ڳڻپ جو عمل شروع ڪيو ويندو. جنهن دوران شهرين پاران پاڻ اپلوڊ ڪيل ڊيٽا جي سامهون تصديق ڪئي ويندي.

نئين آدمشماري پنهنجي مقرر وقت، جديد دور جي تقاضائن ۽ ملڪي حالتن کي سامهون رکندي ٿيڻ گهرجي پر جيڪا ملڪ اندر آدمشماري ٿي رهي آهي، ڇا اها پنهنجي مقرر وقت، جديد دور جي گهرجن ۽ ملڪي حالتن تحت ٿي رهي آهي؟ نئين آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي حوالي سان ناڪاري ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن. هن ڀيري جيڪا آدمشماري ٿي رهي آهي، تنهن ۾ شناختي ڪارڊ جو شرط لاڳو نه آهي.  يعني بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي ٿي رهي آهي. شناختي ڪارڊ هجي يا نه هجي پر عملي پاران تصديق گڏ ڪري ان کي سسٽم ۾ شامل ڪيو ويندو. نئين آدمشماريءَ لاءِ جيڪو فارم جاري ڪيو ويو آهي، ان ۾ عمارتن جا نمبر، گهر جو سلسليوار نمبر، گهر جي وڏي ۽ ٻين ڀاتين جا تفصيل لکڻ، گهر جي وڏي فرد جو موبائيل يا فون نمبر لکڻ، مادري ٻولي، مذهب، جنس ۽ ٻيا تفصيل معلوم ڪرڻ شامل آهي. آدمشماريءَ دوران عملي پاران گهر ۾ موجود سهولتن، جاءِ، رهائش، ملڪيت، گهرڀاتين جي پڙهيل يا اڻ پڙهيل هجڻ، رهائش جو عرصو پڇڻ ۽ مستقل رهائش جي باري ۾ سوال ڪيا ويندا. نئين آدمشماريءَ ۾ عملي کي جاري ڪيل ايس او پي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قوميت جي حوالي سان سوال ڪيو ويندو ۽ جواب ۾ آيل قوميت کي خاني ۾ لکيو ويندو.

عملي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ رهندڙ افغاني، بنگالي ۽ برميءَ کي پاڪستاني شناختي ڪارڊ حاصل آهي ۽ هو پاڻ کي پاڪستاني چوي ٿو ته پوءِ هو جيڪو به جواب لکرائي، اهو لکيو وڃي. يعني هو جيڪا به قوميت لکرائي، اها لکي وڃي ( مطلب ته پاڪستان ۾ غيرقانوني رهندڙ جيڪڏهن پاڻ کي پاڪستاني قوم ڄاڻائي  ته ان جي مرضيءَ تحت اها لکي وڃي.) ۽ باقي جيڪي پاڪستاني قوميت جا نه آهن، انهن کي ڌار سان لکيو وڃي.

ملڪ اندر ڪڏهن به آدمشماري صحيح بنيادن تي نه ٿي آهي ۽ جڏهن به ٿي آهي ان سان سنڌ ڌَڪي آهي. هن ڀيري به ٿيندڙ آدمشماريءَ تي سنڌ جي ماڻهن کي خدشا آهن. ان حوالي سان سنڌ جي اديب، دانشور ۽ سماج سڌارڪ نصير ميمڻ عوامي آواز سان پنهنجا خيال ونڊيندي چيو آهي ته آئيني طور تي 10 سالن واري شرط تحت هن وقت آدمشماري ٿيڻ هڪ غيرآئيني عمل هوندو. هن وقت جيڪا آدمشماري ٿي رهي آهي، اها هڪ لساني جماعت جي خواهش تحت ڪرائي پئي وڃي. جيڪڏهن سڀاڻي وري ٻي ڪا جماعت اُٿي ته پوءِ ڪيتريون آدمشماريون ڪرايون وينديون؟

هن وقت هڪ ته سنڌ جي حالت برسات ۽ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻي خراب بڻيل آهي. ڪيترائي علائقا پاڻيءَ هيٺ آهن ۽ ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ٻيو سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت اٽي، لٽي ۽ اجهي کان وانجهيل آهي. سنڌ جو ڪامورو ۽ وڏيرو ڌارين اڳيان وڪيل بڻيل آهي. سنڌي ماڻهو سياسي طور تي ٽولين ۾ ورهايل آهي. سنڌ جو ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو اجهي کان محروم بڻجي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي. ڪچو، ڪاڇو، جاگير، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻيا ضلعا برادرين جي جهيڙن سبب نوگو ايريا بڻيل آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ اندر صحيح بنيادن تي آدمشماري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ۽ ٻيو نئين آدمشماريءَ ۾ شناختي ڪارڊ جو شرط نه هجڻ ۽ رڳو شناختي ڪارڊ جي نمبر جي بنياد تي افغانين، بنگالين، برمين ۽ ٻين غيرملڪين کي پاڪستاني قوميت لکڻ واري هدايت تي سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ افغانين، بنگالين ۽ برمين کي سنڌ واسي ڳڻڻ جو خدشو آهي. ڇو ته هن وقت سنڌ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو ڌارين جي موجودگي آهي. اهڙي ڳڻتيءَ واري صورتحال ۾ حڪومت پاران به نئين آدمشماريءَ جي طريقيڪار ۽ ايس او پي بابت اڃا تائين ڪو به واضح موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.جنهنڪري سنڌ جي ماڻهن جي ڳڻتي وڌي وئي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل آدمشماريءَ لاءِ ڪو پائليٽ تجربو ڪيو ويو آهي؟ ڇو ته هتي صورتحال اها آهي جو حڪمران اي وي ايم ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو چئي پوءِ ڦري ويندا آهن ۽ اهو عذر ڄاڻائيندا آهن ته اسان جو سسٽم اجازت نه ٿو ڏئي ته اي وي ايم جي ذريعي ووٽنگ ٿي سگهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ ۽ چوکنڀي ٻڌل سنڌي قوم پنهنجو وجود ڪيئن بچائي سگهي ٿي؟ ان جو ڪو ڏاها ڏس ڏين. باقي پنهنجو ڪم پورو ٿو لڳي. چار ڪروڙ ماڻهو پنهنجو وجود وڃائين پيا. کين ڪير به بچائڻ وارو نه آهي. جنهن پارٽيءَ کي منصب تي ويهاريو وڃي ٿو، اها سنڌي قوم جي ويري نڪري ٿي. جنهن جي رويي سبب سنڌي ماڻهو ڪمزور، بي يارو مددگار، دائمي غلامي ۽ ذلت جي ڌٻڻ حوالي ٿئي ٿو. ڪٿان به ڪو گس نه ٿو نڪري. ڪو به اهڙو مانجهي مڙس مٿير نه آهي، جيڪو سنڌي قوم کي هن ڏکئي صورتحال مان ڪڍي پار ڪري. ڪٿان به روشني نظر نه پئي اچي. رڳو اوندهه ئي اوندهه آهي. سنڌي قوم بليڪ هول جي اندر اچي وئي آهي. اهڙي حالت ۾ ان کي هڪ ئي شيءِ بچائي سگهي ٿي، سا آهي قومي غيرت، جنهن جو هن وقت شديد بحران آهي. اسان مان هر ماڻهو چند سڪن تي هر وقت وڪامجڻ لاءِ تيار آهي. وڏي اڪثريت ته رضاڪاراڻي طور تي بنا معاوضي جي وڪري لاءِ هٿ ٻڌيون بيٺي آهي. ان حالت ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجو وجود ڪيئن بچائي سگهي ٿو؟ ڪو قدرتي ڪرشمو ٿئي، باقي ڳالهه ڳري آهي.

هن وقت، جيڪا ڊجيٽل آدمشماري ٿي رهي آهي، ان تي سنڌي قوم کي تمام گهڻا خدشا آهن. ان لاءِ اُها اِها گُهر ڪري ٿي ته پهرين سنڌ مان افغاني، بنگالي، برمي، بهاري، ايرني ۽ ٻين صوبن ۽ ملڪن مان آيل ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. پوءِ آدمشماري ڪرائي وڃي، جيڪا قابلِ قبول هوندي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.