بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جي جنگي صورتحال

تحرير: حميده گهانگهرو

1947ع جي آزاديءَ کانپوءِ خوشحالي ۽ بدحالي جا انگ اکر گڏ ڪجن ته خبر پوندي ته غربت، مهانگائي، مفلسي بدحالي، نفسانفسي، جي دکندڙ دونهين ۾ 75 سالن جو سفر هليو. سواءِ قتل غارت، نفرت جا اوڙاهه ٺهيل ملڪ کي ڊاهڻ جون سازشون ٻارن وانگر ليڪا پائي صوبن جي ورهاست جا نه برداشت ٿيڻ جوڳا  افواهه پکيڙڻ، ڪنهن حد تائين امن ۽ انتشار ڦهلائڻ جي برابر آهي.

مهانگائي جا طوفان ڪنهن سونامي کان گهٽ ناهن بک بيروزگاري ڪري آئي ڏينهن خودڪشين جا واقعا، نفرتن، جي اوڙاهه ۾ پڄري پڄري رشتن  ناتن جا تقدس بي مقصد سازش جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن.

ويجهڙ ۾ هٿ سان پيدا ڪيل اٽي جي بحران ته ڄڻ عوام جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. چوڻ ۾ هيءُ، ملڪ زراعت ،معدنيات، پاڻي، سمنڊ، پهاڙ، ميدان، وارياسي هئڻ جي سڃاڻپ سان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو، جنهن کي قرض وٺڻ بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ کي زرخيز ڪجي ته زراعت ذريعي معاشي بحران جي پاڙ پٽجي سگهي ٿي پر صحيح طرح ڌيان نه هئڻ سبب زراعت تباهه ٿيندي پئي وڃي. تنهن هوندي به اٽي جهڙي بحران جي هٿ ٺوڪئي کوٽ ظاهر ڪري دراصل پاڙيسري علائقن کي ڪڻڪ موڪلي عوام کي اٽي جهڙي بنيادي ضرورت کان محروم ڪيو ويو آهي.

هڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعو ڇا ڪنهن نه ڏٺو ته هڪ اٽي جي ٿيلهي وٺڻ لاءِ غريب اٻوجهه انسان کي بي دردي سان لتاڙيو ويو. ايترو لتاڙيو ويو جو هن جي آهن ۽ ڪوڪن جو آواز بي روزگار غريب ماڻهن جي ضرورت خاطر اٽي وٺڻ جي رڙين ۾ دٻجي ويو. ڏٺو وڃي ته هيڏانهن بک جا ستايل بي موت مرن پيا ته، هوڏانهن وري لتاڙجي. حقيقت اها آهي ته هيءَ سنڌ جو اهو عوام آهي، جيڪو اقتدار ۾ آيل حڪمرانن جي اليڪشن ۾ پنهنجي قيمتي ووٽ جو استعمال ڪندي لٺيون ۽ گوليون کائڻ کان به نه ڪيٻائيندو آهي. سندن زندگيءَ جي قيمت لتاڙجي مرڻ ۽ ووٽ جي قيمت پنهنجن چونڊيل نمائندن کي اقتدار ۾ پهچائڻ جو جذبو ۽ خوشحاليءَ جي اميد ڀري  نگاهه سان ڏسڻ آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪيا، سنڌ جو عوام اڃا هڪ بحران مان مس ساهه کڻي ٿو ته مٿان وري ٻي آفت تيار آهي.

ڏسجي ته انهيءَ سڄي صورتحال جا پيرا مدي خارج سوچ قسمت ۾ مائل ڪرڻ نه پر انتظاميا، رياست، حڪومت جي بي ڌياني ۽ ملڪ ترقيءَ جي منزل تي آڻڻ لاءِ عوام کي پاڻ ڀرو ڪرڻ بجاءِ ڏکي وقت ۾ خيرات جو دهل وڄائي ملڪ کي ڏينهون ڏينهن قرض جي قهري چادر ۾ لڪايو ٿو وڃي. اسان جا سائنسي، سماجي، سياسي تجزياتي ماهر اڳ ئي اڳڪٿيون ڪري ڏکي وقت لاءِ ڄاڻ ڏيندا آهن پر لاڳاپيل ادارا ڄڻ ٻار جي وڄندڙ جهنجهڙي وانگر وندر سمجهي ان کي لنوائڻ جي ڪوشش ۾ مصرورف هوندا آهن.

1975ع ۾ مان ۽ ادي زبيده محرابپور ۾ ڪاليج جو مطالبو ڪيو هو ۽ پوءِ احتجاج ڪندي گرفتار ٿيوسين، اسان ٻنهي ڀينرن کي نارا جيل حيدرآباد عورتن جي وارڊ ۾ رکيو ويو. 10 محرم تي حيدرآباد جي يعقوب قاضي جي پڙ تان نياز جون ديڳيون جيل اماڻيون ويون. هر هڪ وارڊ ۾ قيدين جي ڳڻپ سان حساب ڪري نياز ورهايو ويو. جيل ۾ اڳ ئي بهاري ،برمي ۽ بنگالي قيدي عورتون ٻارن سميت موجوده هيون. جيل انتظاميا مطابق ته غير قانوني سرحد پار ڪندي گرفتار ڪيون ويون آهن. جيل جي ماني کائڻ سان باقائده اهو احساس ٿيندو هو ڄڻ مانيءَ ۾ به ڪا سزا شامل هئي. بهرحال چانورن جي ديڳ عورتن جي وارڊ ۾ ورهائي وئي. 5 وڳي بئرڪ لاڪ ٿي ويندي هئي. پوءِ قيدياڻيون رات جو بئرڪ ۾ ماني کائينديون هيون. اوچتو تمام گهڻو شور ٻڌڻ ۾ آيو، باقائدي هڪ ٻئي کي ڌڪ هڻڻ جا آواز اچن پيا. ڇاڪاڻ جو اسان پاڪستاني قيدياڻين جي بئرڪ هنن جي بئرڪ جي پاسي ۾ هئي. جڳهڙو سڄي رات هليو. جڏهن 5 وڳي صبح سان صوبيدار بئرڪ جو تالو کوليو ته سڀني قيدياڻين ٻاهر نڪري وري وڙهڻ شروع ڪيو. پاڪستان مقدم قيدين جي پڇڻ تي ٻڌايائون ته هڪ گرهه وات مان ڪري پيو ۽ ٻي عورت فورن زمين تان کڻي کاڌو ۽ هن چيو ته تون منهنجي حصي جا چانور ڇو کاڌا. هن لاءِ اهو کاڌو چوڻ ۾ ته نياز هو پر ڄڻ عيد جو کاڌو هجي.

ڏسجي ته پيٽ جي بک جو نه ته ڪو مذهب آهي نه ٻولي، هن جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف بک آهي. ٿر ۾ بک اڃ تي مور، اٺ پکي ۽ ٻيا ڪيترا ئي جانور تڙپي تڙپي مرندي ڏٺا پر هيءَ ڪهڙي قسم جي انسانيت آهي جو بکايل پيٽ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل بي وس انسان لتاڙجي مري ٿو.

هن ملڪ جي حالت اها آهي ته هڪ مانيءَ تي چور کي چور چور چئي پڪڙيو وڃي ٿو. جيل ۾ جيسين ضمانت نه ٿئي جيل جي چوديواريءَ ۾ هيءُ مانيءَ جو چور پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا قيمتي ڏينهن، سال گذاري ٿو. ڇا هو جڏهن آزاد ٿيندو ته سماج ۾ بهتر شهري بڻجندو يا چور چور جا لفظ سڄي زندگي ڪنن ۾ گونجندا رهندس.

هن وقت بک بيروزگاري ۽ اٽي، جي بحران ۾ حالت جنگ جهڙي آهي. عوام مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل تڙپندي نظر ٿو اچي. ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو ڪراچي ايئرپورٽ وڃڻ ٿيو. ايئرپورٽ کي هڪ ٻي دنيا سمجهيو ويندو آهي. جتي طبقاتي نظام واضح طور نظر ايندو آهي  پر هن وقت صورتحال اها هئي ته ٻاهر يعني جده ايئر لائين جي لاءِ ڪيترا اهڙا خاص طور نوجوان نظر آيا، جن جي پيرن ۾ ٻن پٽين واري چپل ۽ هٿن ۾ پلاسٽڪ جا شاپر ، ڪي ٻه ٽي ڪپڙن جا جوڙا هوندن. منهن تي تمام گهڻي مايوسي هين. اهي روزگار جي تلاش ۾ ڄڻ جنگ جي ميدان ۾ ويندا هجن. پنهنجن عزيزن، قريبن ۽ هن ڌرتيءَ کي خدا حافظ چوڻ کان اڳ اداس چهرا سندن بي وسي جي گواهي ڏئي رهيا هئا.

هر قوم کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت هوندي آهي، ڪير به ناهي چاهيندو ته پنهنجن کان پري رهي پر ملڪ جي حالتن ، پريشانين ۽ معاشي بحران ڄڻ کين ريڊ انڊين بڻائي ڇڏيو، ڪو وقت هو جڏهن ايٿوپيا، آفريقا جهڙن غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن جي حالتن تي افسوس ڪيو ويندو هو پر هن وقت ڄڻ ان افسوس ڪرڻ جي سگهه به ختم ٿي رهي آهي. اي ملڪ جا حڪمرانو! هن قوم تي رحم ڪريو. هيءَ توهانجي ئي قوم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.