سنڌ ۾ اٽي جو بحران ۽ حڪمرانن جون خالي دعوائون

تحرير: گلشن چانڊيو

سنڌ ۾ اٽي جو بحران  ڏينهون ڏينهن شدت سان وڌي رهيو آهي، اٽي جي بحران پٺيان فلور مل ڊيلرس ۽ واپارين جي هڪ هٽي ۽ مافيا آهي جيڪي اٽو گدامن ۾ لڪائي اٽي جو اسٽاڪ گڏ ڪن ٿا ۽ اهڙي ذخيره اندوزي ۽ منافعي خورن جي مافيا آهي جيڪي سستي اگه تي چانور،اٽو ۽ ڪڻڪ خريد ڪري ڇڏي هئي ته ايندڙ وقت ۾ اٽي جي کوٽ مان ڀرپور ڪمائي سگهجي ۽ هينئر اهڙي ذخيره اندوزن جي مافيا آهي جن اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي، عوام هن وقت اٽي جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اٽو مارڪيٽ ۾ 140،150 ۽ 160 روپيا ڪلو ڪڻڪ جو اٽو وڪرو ٿي رهيوآهي ۽ چانورن جو اٽو 130 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو ۽ چانورن جو اگهه به وڌي ويو آهي ، اناج جي کوٽ کانپوءِ  عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي ڪا جونءَ به نه ٿي  چري ، ويتر حڪمران اهي دعوائون ڪندي ٿڪجن ئي نٿا ۽ نڪ جي پڪائي سان چون ٿا ته اٽي جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ اٽو سستي اگهه تي دستياب آهي جڏهن ته حڪمران اها به دعوي ڪن ٿا ته ڪڻڪ جو اٽو 65 روپيا في ڪلو جي حساب سان سرڪاري لڳايل اسٽالن تي موجود آهي پر اهڙا اسٽال تمام گهٽ آهن جتي تمام گهڻي رش ٿئي ٿي ۽ ماڻھو اٽي جي لاءِ  قطارون لڳائي انتظار ڪن ٿا ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، ميرپورخاص مان پڻ اها خبر رپورٽ ٿي ۽ خبر دکدائڪ هئي ته اٽي جي لاءِ  انتظار ڪندڙ ستن ٻارن جو پيءُ  روشن ڀيل ماڻھن جي هجوم ۾ چيڀاٽجي فوت ٿي ويو ۽ اهڙي افسوسناڪ خبر ميڊيا جي منظر تي اچي وئي جنهن ڪيترين ئي دلين کي سوڳوار ڪري ڇڏيو ته خوشحال سنڌ جا ماڻھو حڪمرانن جي نااهلين سبب پنهنجي زندگي جو ٻرندڙ ڏيئو وقت کان اڳ اجهائي ڇڏين ٿا ،سنڌ ۾ اٽي جا اگه آسمان تي پهچي چڪا آهن ۽ غريب مزدور ۽ بيروزگار ماڻھو هن مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن ۽ انهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي

جمهوري حڪومت جو اهو نعرو ۽ مشن آهي ته اٽو،لٽو ۽ اجهو حڪمرانن جو نعرو آهي پر هاڻي اهڙا نعرا به کوکلا نعرا ئي بچيا آهن ۽ ڇسيون دعوائون آهن جنهن جو حقيقت سان ڪو پري جو واسطو به ناهي پر عوام اهو پڇڻ چاهي ٿو ته لٽو ۽ اجهو ڀلي نه ڏيو پر اٽو ته ڏيو ڇو ته لٽي ۽ اجهي کانسواءِ  به زندگي جو ڏکيو سکيو گذران ٿي سگهي ٿو پر اٽي کانسواءِ  زندگي ۽ موت سان جهيڙو آهي ، گذريل سال اٽي جو في مڻ 2600 روپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو پر هن سال حڪومت 4000 روپيا في مڻ ڪڻڪ جو ريٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي مارڪيٽ ۾  ڪڻڪ جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي ۽ في مڻ 5600 روپيا ملي ٿو ۽ روزانو نوان ريٽ مقرر ٿين ٿا ۽ غريب ماڻھن لاءِ  زندگي زهر بڻجي وئي آهي ۽ غربت ڪينسر جيان سڄي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ لامارا هڻي رهي آهي ۽ غربت سبب ماڻھو ذھني ۽ نفسياتي بيمارين جو شڪار آهن ،غربت سبب ماڻھو پنهنجون عزتون  ۽ عصمتون به داو تي لڳائين ٿا.

اٽي جي بحران خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمون متحرڪ ۽ سراپا احتجاج آهن ته اٽي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي پر اٽو اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي ۽ اٽي جا اڏام ڪندڙ اگه ٻڌي ماڻھن کي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون ته هڪ پاسي عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي ۽ ان لاءِ  زندگي گذارڻ جنگي حالتن کان گهٽ ناهي پر حڪومت ماڻھن کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آهي ،مهانگائي ته ماڻھن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، سستي اٽي لاءِ  ماڻھو احتجاج ڪري رهيا آهن ،زراعت کاتي جيڪي ڪڻڪ جي پيداوار نه ٿيڻ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن ته اهي ڇرڪائيندڙ آهن ته 9 لک ايڪڙ زمينن ۾ ڪڻڪ جو فصل نه ٿي سگهندو ڇو ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۽ بيٺل پاڻي سبب ڪو فصل نه ٿي سگهيو ۽ ساريالو فصل ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي ور چڙهي ويو ۽ ماڻھن جا بيٺل فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ سنڌ جون ٻھراڙيون ته ٻڏي ويو جتي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو پر شهرن ۾ به پاڻي اچي ويو جتي وڏي پئماني تي ماڻھن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ برساتي ٻوڏن نه صرف ٻھراڙين کي متاثر ڪيو پر شهر به اجڙي ويا جتي ويراني ،رڃ ۽ سڃ وارا منظر نظر آيا  ته اهڙين حالتن ۾ امير سنڌ جا ماڻھو فقير بڻجي ويا ۽ جيڪا امداد ٻاهرين ملڪن کان ملي ته ڇا انجو ھڪ حصو به صحيح طرح استعمال ٿيو ۽ اهو دعوي سان چوان ٿو ته اها سموري امداد ديانتداري سان ٻوڏ سٽيل ماڻھن تي خرچ ڪئي وڃي ها ۽ انهن کي گهر ٺاهي ڏنا وڃن ها ته اهي ماڻھو ايئن ڌرپڌر نه ٿين ها ، وڏيرن ۽ انهن جي واٺن جي درن تي فقيرن جيان راشن لاءِ  قطار نه هڻن ها ۽ هميشه ايئن ٿيندو آهي ته اسان کي خودي ۽ خوداعتمادي سان جيئڻ نه سيکاريو ويندو آهي پر پنڻ ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي ته جيئن اسان نسل درنسل پنڻ جا گر سکي پينو فقيرن جيان پندا رهون ،ڇا دنيا جي سڌريل سماجن ۾ آيل تباهڪارين کانپوءِ  عوام کي ايئن بي يارو مددگار ڇڏيو ويندو آهي جيئن  پنهنجي ملڪ ۾ آهي ، اسانجا حڪمران رڳو فوٽو سيشن ۽ ڪوڙيون دعوائون ڪري رهيا آهن ته اٽي جا ڪا کوٽ ڪانهي جيڪڏهن اٽي جي کوٽ ناهي ته پوءِ  اٽو ايترو مهانگو ۽ اڻلڀ ڇو  ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ماڻھو هن مهانگائي کان تنگ اچي چڪا آهن ۽ شين جا ريٽ بي لغام آهن جتي واپارين ۽ منافعي خورن جي هڪ ھٽي قائم ٿيل آهي پر انهن جي چيڪ ۽ بئلنس رکڻ وارو ڪو ناهي، هول سيل مارڪيٽ ۾ هر دوڪاندار جو پنهنجو الڳ الڳ ريٽ مقرر ٿيل آهي پر پرائيس مئجسٽريٽ ۽ پرائيس ڪاميٽيون اگهور ننڊ ستل آهن ۽ شايد پرائيس تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو کاتو ۽ مختيارڪار صاحبان رمضان مهيني ۾ مارڪيٽ جو چڪر هڻندا آهن ۽  باقي سال جا 11 مهينا عوام منافعي خور ۽ زخيره اندوز ڊيلرس هٿان ايئن ئي ڦربو ۽ لٽبو رهي ٿو پر بيوروڪريسي جي وڏن ۽ سڻڀن عهدن تي ويٺل سرڪاري ڪامورا ڪرپشن جي بازار گرم ڪيون ويٺا آهن جن جي جاچ پڙتال ڪندا ته اهي  صاحب ته 12 بجي کان اڳم آفيس ۾ نه ملندا پر آفيس جو  ٻيو عملو به گهڻي قدر غائب هوندو جڏهن ته ذخيره اندوز واپارين جي خلاف ايڪشن وٺڻ کپي جيڪي عوام کي ڦري رهيا آهن ۽ هاڻي اچون ٿا ته ملڪ جي اڇي ۽ڪاري جا مالڪ بڻيل حڪمرانن عوام کي ڪهڙو رليف ڏنو آهي ،ڇا ملڪ جي معيشت مضبوط ٿي آهي؟ ڇا ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ويندو ؟ ڇا ملڪ جون معاشي حالتون بهتري طرف وڃي رهيون آهن ؟  ڇا ملڪ عالمي مالياتي ادارن جي آڏو ڳيجهو بڻيل ناهي؟ ڇا ملڪ قرض کان آجو آهي ؟ ڇا ملڪ ۾ سياسي  ويڙه صرف اقتدار لاءِ  آهي يا عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ  آهي ؟ جڏهن اهڙن سوالن ۽ جوابن تي غور ڪجي ٿو ته دماغ چڪرائجي وڃي ٿو ۽ انسان جا حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا، وقت جي حڪمرانن ۽ واڳ ڌڻين کان هڪڙو ئي سوال آهي ته عوام اوهان کان لٽو ۽ اجهو نٿو گهري پر اٽو گهري ٿو؟ جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ اٽي جو اهڙو بحران رهيو ۽ سستي اگه تي اٽو نه مليو ته ماڻھو فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، انجا ذميوار وقت جا حڪمران ئي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.