نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪنوار کي اسٽيج تان هيٺ لاهڻ دوران ڪنوار ڪري پئي، مزاحيه وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
تفصيل موجب ڀارت ۾ شادي جي تقريب ۾ به مختلف خاندانن ۾ هڪ رسم موجب گهوٽ ڪنوار کي کڻي گاڏي تائين ويندو آهي، جنهن تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مائٽن ۽ ويجهن مائٽن پاران ڀرپور آجيان ڪئي ويندي آهي.
View this post on Instagram
اهڙن واقعن دوران ڪيترائي کل جوڳا واقعا پيش اچن ٿا، جن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي آهي، اهڙو ئي هڪ عجيب واقعو هڪ شادي جي تقريب دوران پيش آيو، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي کڻي وڃي رهيو هئا ته اسٽيج تان هيٺ ڪري پيا. ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ ڪنوار کي کڻي وڃي رهيو آهي ته اوچتو هو پنهنجو توازن وڃائي ويٺو ۽ هيٺ ڪري پيو پر خوش قسمتي سان نئين جوڙي کي ڪو به نقصان نه ٿيو.
گهوٽ ڏاڍو لڄي ٿيو پر معاملي کي چڱيءَ ريت سنڀاليائين، جنهن کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان به پسند ڪيو پيو وڃي.