پاڪستان کي پيش 10 خطرن جي نشاندهي، 2025 تائين ڇا ڇا ٿي سگهي ٿو؟

 

ورلڊ اڪنامڪ فورم 2025 تائين پاڪستان کي پيش 10 خطرن جي نشاندهي ڪري ڇڏي.

ورلڊ اڪنامڪ فورم جي جاري ڪيل گلوبل رسڪ رپورٽ 2023 ۾ سائبر سيڪيورٽي، دهشتگرد حملن، مهانگائي ۽ معاشي بحران سميت پاڪستان کي ايندڙ ٻن سالن ۾ پيش 10 خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان سميت خطي جي ٻين ملڪن کي پيش علائقائي تڪرار ۾ پاڻي جي انفرا اسٽرڪچر کي هٿيار يا هدف طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ورلڊ اڪنامڪ فورم علاقائي ۽ ماحولياتي خطرن کي به رسڪ قرار ڏنو ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شيون مهانگيون ٿيڻ سان لکين ماڻهو بُک جو شڪار ٿي سگهن ٿا، آبي وسيلن کي علاقائي تڪرار ۾ هٿيار طور يا هدف طور استعمال ڪرڻ جو به خطرو آهي.

ڊيٽا چوري، سائبر جاسوسي سميت ڊجيٽل سيڪٽر ۾ قبضو ۽ قرضن جو بحران به ٽاپ ٽين خطرن جي فهرست ۾ شامل آهي.

عالمي اقتصادي فورم عالمي سطح تي جيو اڪنامڪ ٽينشن، انرجي ۽ فوڊ ڪرائسز جي به نشاندهي ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.