اداڪارا مهوش حيات خلاف سوشل ميڊيا تان مواد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اداڪارا مهوش حيات خلاف سوشل ميڊيا تان سمورو مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا مهم خلاف اداڪارا مهوش حيات جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اداڪارا خلاف سوشل ميڊيا تي موجود مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت وفاقي حڪومت، پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 2 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته فلم اسٽار مهوش حيات يوٽيوب خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل خواجا نويد ذريعي درخواست داخل ڪئي هئي.

درخواست ۾ اداڪارا موقف اختيار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي سندس خلاف بي بنياد مواد پکڙجي رهيو آهي، ان مواد سبب سندس ساک، عزت ۽ وقار کي نقصان پهتو آهي، عدالت کي درخواست آهي ته يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.