وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پِنڻ تي فخر هجڻ گهرجي: چوڌري شجاعت

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي روز فقير چئي سڏيو پيو وڃي.

پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته پڻن جو الزام هڻندڙ ائين ڪري پان کي وڏو سمجهي رهيا آهن، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان لاءِ پِني رهيا آهن، جنهن تي کين فخر هجڻ گهرجي.

هن چيو ته اهي ٻوڏ متاثرن جي بحالي، عوام جي معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ خاطر پِني رهيا آهن، جيڪڏهن چئو واٽي تي بيهي به انهن کي پئسا گهرڻا پون ته کين فخر هجڻ گهرجي، ان نيڪ ڪم ۾ اسان به انهن سان گڏ هونداسين.

سندس چوڻ هو ته هيڏانهن هوڏانهن جا مثال ڏيڻ وارن کي گهرجي ته هر قدم عوام جي ڀلائي لاءِ کڻن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.