رونالڊو جي گرل فرينڊ تي سعودي عرب ۾ پابنديون لڳنديون؟

پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو سعودي عرب جي فٽبال ڪلب النصر سان معاهدو ڪرڻ بعد سندس گرل فرينڊ جارجينا روڊريگز کي ڪجهه پابندين جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب ۾ جارجينا روڊريگز به ٻين پرڏيهي عورتن جيان سخت قانونن تي عمل جي پابند هوندي.

رپورٽن موجب ڪرسٽيانو رونالڊو جي گرل فرينڊ روڊريگز لا ءِ عوامي هنڌن تي برقعو پهرڻ لازمي هوندو جڏهن ته کيس اڻوڻندڙ لباس پهرڻ کان به پاسو ڪرڻو پوندو.

ٻنهي شخصيتن لاءِ حرام شيون درآمد ۽ ان جو استعمال سختيءَ سان منع هوندو.

اهڙي طرح رمضان جي مهيني ۾ هو عوامي هنڌن تي کين کاڌي پيتي کان پرهيز ڪرڻي پوندي.

رپورٽن موجب سياحت جي حوالي سان جيئن ته هو مسلمان نه آهن جنهن سبب هو مڪي ۽ مديني جي مقدس شهرن جو دورو به نه ڪري سگهندا.

پرڏيهي ميڊيا موجب النصر سان معاهدو ڪرڻ بعد ڪرسٽيانو رونالڊو هن وقت پنهنجي گرل فرينڊ ۽ ٻارن سان گڏ گادي واري شهر رياض جي مهانگي ترين هوٽل ۾ ترسيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.