ٽڪ ٽاڪ 2022 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ قرار

ٽڪ ٽاڪ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ قرار ڏني وئي آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز سنيپ چيٽ، فيس بوڪ ۽ يوٽيوب پاران ٽڪ ٽاڪ کي وڏو خطرو سمجهيو ويندو آهي ۽ مسلسل ٽڪ ٽاڪ جي شهرت ۾ به واڌ نظر اچي رهي آهي.

موبائيل ايپس جي ڪمپني جي رپورٽ موجب 2022 ۾ ٽڪ ٽاڪ سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ايپ ثابت ٿي، جنهن ميٽا جي سمورين ايپس کي شڪست ڏئي ڇڏي.

ٽڪ ٽاڪ سڀ کان وڌيڪ ڊائونلوڊ ٿيندڙ ايپ جو اعزاز مسلسل ٽيون سال حاصل ڪيو آهي.

مجموعي طور تي 2022 ۾ 67 ڪروڙ 20 لک ڀيرا ٽڪ ٽاڪ کي ڊائون لوڊ ڪيو ويو جڏهن ته انسٽاگرام 54 ڪروڙ 80 لک ڊائون لوڊز سان ٻئي نمبر تي رهيو.

42 ڪروڙ 40 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ٿيڻ تي واٽس ايپ جي حصي ۾ ٽيون نمبر آيو جڏهن ته چوٿين نمبر تي ٽڪ ٽاج جي ئي ملڪيت هيٺ وڊيو ايڊٽنگ ايپ ڪيپ ڪٽ رهي جنهن کي 35 ڪروڙ 70 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو.

رپورٽ موجب سنيپ چيٽ 5، ٽيليگرام 6، سب وي سرفرز 7 ۽ فيس بوڪ 8 نمبر تي رهيو.

2022 ۾ فيس بوڪ کي ڊائون لوڊ ڪرڻ جي شرح ۾ 2021 جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو گهٽائي ڏسڻ ۾ آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.