ٽڪ ٽاڪ پاڪستاني شاگردن کي پيساڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا

ننڍيون وڊيوز ٺاهڻ واري مشهور پليٽ فارم ”ٽڪ ٽاڪ“ ۽ ايڊ ٽيڪ اسٽارٽ اپ ”ايڊڪاسا“ گذريل سال پروجيڪٽ شروع ڪيو، ”ايگزيم ريڊي“ جي ڪامياب مهم کانپوءِ 18 هزار پاڪستاني شاگردن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت سموري پاڪستان ۾ مستحق شاگردن کي آن لائن اسٽڊي گرانٽس ڏنيون ونديون جيئن هومعياري تعليم تائين پهچي سگهن.

گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٽڪ ٽاڪ ”ايڊڪاسا“ ۽ لمس جي سهڪار سان پنهنجي نوعيت جو منفرد ڊجيٽل لرننگ پروگرام شروع ڪرڻ سان سڄي سال جي سهڪار جو اعلان ڪيو آهي، ته جئن هاءِ اسڪول جي شاگردن کي آن لائين تعليم جي سهولت ملي سگهي.

اگزيم ريڊي مهم کي ليکن پاڪستاني شاگردن لاءِ تيار ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيمسٽري، بائيولوجي، فزڪس ۽ رياضي جهڙن مضمونن تي 500 کان وڌيڪ تعليمي وڊيوز فراهم ڪيون ويون.

انهن وڊيوز ۾ پڙهائي بابت مشورا ۽ امتحان ۾ ڪاميابيءَ جا طريقا ٻڌايا ويا، ٽڪ ٽاڪ تي اهي وڊيوز فوري طور تي شاگردن ۾ مشهور ٿي ويون ۽ هن وقت تائين 66 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو انهن وڊيوز کي ڏسي چڪا آهن ۽ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز به ٺهي چڪيون آهن.

پاڪستان جي اهم تعليمي ادارن مان هڪ لمز سان گڏ سهڪار سان ٻئي ادارا شاگردن کي ايڊ ڪاسا جا مفت مطالعي وارا مواد ٻن مهينن تائين فراهم ڪندا جنهن سان شاگرد شاگرد پنهنجي گريڊ/بورڊ/امتحان کي چونڊي سگهندا.

اهي وظيفا مهم جي آن لائن مشهور ٽڪ ٽاڪ سان معاهدي ۾ ايڊڪاسا ۽ لمز جي طئي شده گڏيل سهڪار ۽ گائيڊلائينز موجب ڏنا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.