آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال سبب سترنهن ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب برساتن سبب لاس اينجلس سميت مختلف شهر متاثر ٿيا پر سانتا باربرا ۽ مونٽي سيٽو جهڙا شهر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.
دريائن ۾ پاڻي جي بلند سطح هجڻ سبب پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
برساتن بعد ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪيئي روڊ بند ڪيا ويا آهن.