ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويهه ڄڻا مارجي ويا آهن.
ڪابل پوليس جي ترجمان موجب اربع جي شام 4 وڳي پرڏيهي وزارت ٻاهران ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ جاني نقصان ٿيو آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن جتان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.
حڪومتي ترجمان موجب جنهن وقت ڌماڪو ان وقت هڪ چيني وفد به پرڏيهي وزارت پهچڻ وارو هو، پر ڌماڪي وقت چيني وفد عمارت ۾ موجود هو يا نه اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو.