وڏو رانديگر ڪير ؟ ورات يا بابر ؟ ڪوهلي جي 75 هين عالمي سينچري بعد نئون بحث شروع

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ورات ڪوهلي اڱاري ڏينهن سريلنڪا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ هڪ ٻي شاندار سينچري اسڪور ڪئي ۽ پنهنجي بهترين فارم کي برقرار رکيو، ڪوهلي جي سينچري اسڪور ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي مداحن طرفان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ عالمي نمبر هڪ بيٽر ۽ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سان کيس ڀيٽڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو.
ڪوهلي جي سينچري تي ڀارتي مداح خوشي ۾ نه پئي ماپيا ۽ سوشل ميڊيا تي پاڪستان پرستارن کي هاڻي اِهو باور ڪرائي رهيا آهن ته تمام جلد ڪوهلي بابر اعظم کان پهرين پوزيشن کسي وٺندو.
ميچ ۾ ڪوهلي هڪ ڇڪي ۽ ٻارنهن چوڪن جي مدد سان ستاسي بالن تي هڪ سئو تيرنهن رنسن رنسون ٺاهيون ۽ ڀارت سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ 374 رنسن جو هدف ڏنو.
گوهاٽي ۾ بيٽگ لاءِ سازگار وڪيٽ تي ورات ڪوهلي سينچري جو موقعو ضائع نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪيريئر جي 45 هين سينچري اسڪور ڪئي، ان سينچري بعد هو پنهنجي هم وطن عظيم سچن ٽنڊولڪر جي 49 هين سينچري جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو آهي.

ذڪر جوڳي ڳالهه اِها هن وقت جيترا به ڪرڪيٽر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن انهن ۾ ڪوهلي جي ڀيٽ رڳو پاڪستاني ڪپتان سان ڪئي وڃي ٿي ۽ شايد اِهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سوشل ميڊيا تي به ان ڳالهه تي بحث هلي رهيو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گمڀير ورات ڪوهلي جي نه بابر اعظم سان ڀيٽ ڪئي نه سچن ٽنڊولڪر سان، سندس چوڻ هو ته ڪوهلي ۽ سچن وچ ۾ مقابلو نه آهي، سچن جي دور ۾ پنج رانديگر دائري جي اندر نه هوندا هئا.

فريد نالي واهپيدار لکيو ته ورات ڪوهلي پنهنجي هر پنجين اننگز بعد سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر هر نائين اننگز کانپوءِ سئو اسڪور ڪيو، تنهنڪري ورات ڪوهلي جو هڪ الڳ ڪلاس آهي.

ڀارت جي اڳوڻي فاسٽ بالر آر پي سنگهه ٽوئيٽ ڪئي نئين سال جي بهتر شروعات ڪوهليءَ 73 هين سينچري سان ڪئي .

ڪيون نالي واهپيدار ڪوهلي جي هڪ مسڪرائڻ واري تصوير شئير ڪندي لکيو ته جيڪي ماڻهو هن جي بابر سان ڀيٽ ڪري رهيا آهن اُهي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪن.

هڪ ٻئي مداح ڀارتي واهپيدارن کي مخاطب ڪندي چيو ته هو فلحال ڪوهلي جي 73 هين سينچري جو جشن ملهائن ۽ بابر کي ان کان پري رکن ۽ بابر جا مداح ڪوهلي کي گهٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن.

وزڊن انڊيا ڪوهلي جي سينچري تي سندس بدلجندڙ قسمت جي ساراهه ڪئي ۽ نوَ مهينا اڳ سندس هڪ ڏکاري اڄ جي ميچ ۾ مرڪڻ واري تصوير شيئر ڪئي.

انگليڊ جي برمي آرمي کان متاثر ٿي ٺاهيل هڪ ٽوئيٽر هنڊل ڀارت آرمي ڪوهلي جي مسلسل ٻن ميچن ۾ ٻي سينچري تي کيس گريٽيسٽ آف آل ٽائم قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.