فلم ۾ شاعرا راءِ (مس ٽرانس) مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فلم سنڪ کي وڪرم ڀٽ لکيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب پاڪستان جي پهرين مس ٽرانس شاعره جي پروڊڪشن هيٺ سائيڪولوجيڪل ٿرلر فلم ”سنڪ“ ٺاهي وئي آهي. فلم کي مشهور ڀارتي ليکڪ وڪرم ڀٽ لکيو آهي جنهن مختلف فلمون اعتبار، دستڪ ۽ برداشت سميت ڪيتريون ئي فلمون لکيون.
View this post on Instagram
فلم جي ڪهاڻي اهڙي اداڪارا جي آهي جيڪا شهرت جي بلندين کي ڇهي ٿي. فلم ۾ شاعره راءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پنهنجي ڪردار بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي شاعره ٻڌايو ته هوءَ هڪ مشهور ٽاپ ايڪٽريس جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيئن مثال پاڪستان ۾ ماهرا خان ۽ ڀارت ۾ دپيڪا پڊوڪون آهن. سندس چوڻ آهي ته فلم جي ڪهاڻي هڪ ٽاپ ايڪٽريس ۽ سندس مداح تي آهي جيڪو اداڪارا سان انتها درجي جي محبت ڪندو آهي پر سندس محبت جنون ۽ ديوانگي جي حد تائين پهچي ويندي آهي.
View this post on Instagram
فلم بابت اداڪارا ٻڌايو ته فلم جي پروڊڪشن تي ڪم جاري آهي. چيو وڃي ٿو ته شاعره جي فلم سنڪ هلندڙ سال سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيندي.