سونيا کي ڪيريئر جي شروعات ۾ پهرين اشتهار تي ڪيترا پيسا مليا؟

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي من موهيندڙ اداڪارا سونيا حسين هن وقت پاڪستان جي مشهور اداڪارائن ۾ شامل آهي ۽ گهڻو ڪري اهڙن ڪردارن جي چونڊ ڪندي آهي جنهن ۾ ڪو بنيادي پيغام موجود هجي

سونيا تازو ئي پنهنجي نئين فلم ”ٽچ بٽن“ ۾ نظر ايندي جنهن ۾ هن فرحان سعيد، ايمان علي ۽ فيروز خان سان گڏ ڪم ڪيو ۽ کيس خوب ساراهيو ويو.

تازو ئي هڪ مارننگ شو جي دوران سونيا حسين کان سندس ڪيرئير جي شروعات باب سوال ڪيا ويا جنهن ۾ پڇيو ويو  ته کيس ماڊل طور جڏهن پهريون اشتهار مليو ته ڪيتري اجرت ملي.

اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن کيس ڪمرشل مليو ته ان وقت هن جا وار ڊگها هئيا ۽ کيس چيو ويو ته هڪ شاٽ ۾ ڊگها جڏهن ته ٻئي شاٽ ۾ وار ڪٽرائڻا آهن.

سونيا ان لاءِ فوري راضي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته پهرين اشتهار لاءِ 1 لک رپاي ادا ڪيا ويا هئا جيڪي ان وقت هن لاءِ گهڻا هئا.

اداڪارا ٻڌايو ته سندس گهر وارا خاص طور تي سندس پيءُ ننڍن وارن ۾ کيس ڏسي حيران ٿي ويا هئا ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ سونيا جي وڏن وارن کي گهڻو پسند ڪندا هئا پر اداڪارا چيو ته هوءَ خوش ٿي ڇاڪاڻ ته هن لاءَ وڏا وار سنڀالڻ ڏکيو هو ۽ پهرين ڪمرشل تي 1 لک رپين جهڙي وڏي رقم ملڻ تي به گهڻو خوش ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.