پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل لارجر بئنچ پابندي پيل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي فارن ايڊڊ جماعت قرار ڏيندي چيو ته عمران خان جي ڊڪليريشن غلط آهي، سياسي جماعتن جي اڪائونٽن جو معاملو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ڏسندو آهي، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ اسان کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس پڇيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڪا ڊڪليريشن ته ڏني ئي ناهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪٿي آرڊر، ڪٿي رپورٽ ته ڪٿي رڳو راءِ چيو پيو وڃي، منهنجي نظر ۾ اها فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ آهي.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.