رياض ( ويب ڊيسڪ ) ڪجهه ڏينهن اڳ پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو باظابطا طور سعودي فٽبال ڪلب النصر کي جوائن ڪيو هو.
رونالڊو ۽ سعودي ڪلب وچ ۾ گذريل مهيني جي آخر اڍائي سالن جو معاهدو طئي ٿيو هو جنهن تحت النصر ڪلب کيس ايڪويهه ڪروڙ ٽيهه لک ڊالرز معاوضو ادا ڪندي.
رونالڊو ۽ سعودي ڪلب النصر طرفان ان معاهدي جو اعلان گڏيل طور انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪيو ويو هو ۽ هن پوسٽ کي ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا لائيڪ ڪيو ويو.
View this post on Instagram
ڪلب جوائن ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن اندر النصر جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي فالوورز جي انگ ۾ حيرت جوڳي واڌ ٿي آهي.
رپورٽن موجب ٽيهه ڊسمبر تي رونالڊُ سان معاهدو ٿيڻ کان اڳ النصر جي انسٽاگرام فالووورز جو انگ اٺ لک کان وڌيڪ هو جيڪي هاڻي حيرت جوڳي حد تائين هڪ ڪروڙ ڏهه لک کان ٽپي ويو آهي.