بارڊر- گواسڪر سيريز ڀارتي دوري لاءِ ڪنگروز ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي دوري لاءِ 18 رڪني  آسٽريلوي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب ڀارتي دوري لاءِ اعلانيل اسڪواڊ جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪندو.

بارڊر گواسڪر ٽرافي جي پهرين ميچ نوَ فيبروري کان بئنگلور ۾ شروع ٿيندي، ٻي ٽيسٽ سترنهن فيبروري کان دهلي ۽ ٽئين پهرين مارچ کان ڌرمشالا ۾ کيڏي ويندي جڏهن سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ نوَ ماررچ کان احمد آباد ۾ کيڏي ويندي.

فوٹو: کرکٹ آسٹریلیا

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ آڱر جي انجري سبب مڪمل طور فٽ نه ٿي سگهيو آهي ۽ هو پهرين ٽيسٽ بعد ٽيم کي جوائن ڪندو.

ڀارت خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ پيٽ ڪيمنز ڪپتان، اسٽيو سمٿ، اشٽن اگر، اسڪائوٽ بولانڊ، اليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، پيٽر هينڊسڪومب، جوش هيزل ووڊ، ٽرويس هيڊ، عثمان خواجا، مارنس لبوشائين، نيٿن ليون، لانس مورس، ٽوڊ مارفي، ميٿيو رينشا، مچل اسٽارڪ، مچل سيوپسن، ڊيوڊ وارنر شامل آهن.

واضح رهي ته آسٽريليوي ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾  ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز سترنهن مارچ کان شروع ٿيندي، ٻي ميچ اڻويهه، ٽئين ۽ آخري ميچ ٻاويهين فيبروري تي کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.