نيپرا ڪراچي واسين لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  ڪراچي واسين لاءِ في يونٽ بجلي ست رُپيا 43 پئسا سستي ڪئي وئي آهي.

نيپرا ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ واهيپدارن لاءِ نومبر جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾  بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي سستي ٿيڻ جو باظابطا نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن بعد ڪراچي جي واهيپدارن کي ڊسمبر جي بلن ۾ وڏو رليف ملي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.