مڪاني چونڊون: جي ايڇ ڪيو جو پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي ايڇ ڪيو سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي پولنگ اسٽيشنن تي اسٽيٽڪ مقرري کان انڪار ڪري ڇڏيو.

گهرو وزارت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني چونڊن واري معاملي تي جي ايڇ ڪيو جي جواب کانپوءِ جوابي خط لکي اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

گهرو وزارت جي جوابي خط ۾ چيوويو آهي ته پندرنهن جنوري تي حساس پولنگ اسٽيشنز جي ٻاهر فوج ۽ رينجرز جي مقرري جي درخواست ڪئي وئي، جنهن تي جي ايڇ ڪيو چيو ته صوبائي حڪومت اسٽيٽڪ مقرري فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي، سول آرمد فورسز ۽ فوج ٻئي يا ٽئين دجري تي مقرر ڪري سگهجي ٿي.

جوابي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پهريان ئي اٺ هزار نوَ سئو چويهه پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏنو آهي ۽ ڪنهن به پولنگ اسٽيشن کي نارمل قرار ناهي ڏنو ويو.

گهرو وزارت جي خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن تي 20 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻا پوندا، جڏهن ته جي ايڇ ڪيو جو چوڻ آهي ته هو ايتري وڏي تعداد ۾ اهلڪار فراهم نٿا ڪري سگهن.

گهرو وزارت چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ رينجرز کي ڪوئڪ ريسپانس فورس طور مقرر ڪيو ويندو، جي ايڇ ڪيو پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.