ڏيپلو ۾ اٽو 6 هزار مڻ،شهري سراپا احتجاج

ڏيپلو (رپورٽ: ساگر  ڏيپلائي) ڏيپلو واسي اٽي جي وڌندڙ اگهه خلاف سراپا احتجاج بڻجي رستن تي نڪري آيا،عوامي تحريڪ جي سڏ تي شھري اتحاد، جي يو آءِ سميت سوين شھرين احتجاجي مظاھرو ڪيو.ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ محمد عمر بجير چيو ته ٿر ۾ اٽو  ڇهھ ھزار رپيا مڻ ملي ٿو پر حڪمرانن جي ڪن تي ڪا به جونءَ نه ٿي سري، وزير رڳو ڪوڙيون پريس ڪانفرنسون ڪري رھيا آھن ۽ چون ٿا ته اٽي جو ڪو بحران نه آهي، جيڪڏهن بحران نه آهي ته پوءِ سنڌ جو عوام احتجاج ڇو ڪري رهيو آهي.عوامي تحريڪ تعلقي ڏيپلي جي صدر وڪيل قيمت راءِ، مولانا عباس ڪلر،  عمران باغي، ميوا رام ساقي، راجا آرزو، ڦوٽو حقير، ايسر داس بچاڻي، مائوجي ڪولھي، اڪبر بجير، مگھن ڏيپلائي ۽ ٻين خطاب ڪيو.هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت کي گھرجي ته اٽي جي اگھن ۾ لاٿ ڪري عوام کي خودڪشي ڪرڻ کان  بچايو وڃي، اٽي جا يونين سطح تي اسٽال قائم ڪري اٽي جي معيار کي بھتر بڻائي مقدار ۾ پڻ واڌارو ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.