بلوچستان ۾ اٽي اگهه ۾ 700 رپيا واڌ، عورتون توڙي پورهيت تذليل جو نشانو

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ به اٽي جو بحران جاري آهي، اٽي جي انتظار ۾ بيٺل هڪ عورت امام بي بي چيو ته عورتن لاءِ اها سٺي ڳالهه ناهي ته  اهي 20 ڪلو اٽي جي هڪ ٿيلهي لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين روڊن تي انتظار ڪن، وڏي انگ ۾ اسان عورتون به ڪيترائي ڪلاڪ مختلف هنڌن تي اٽي جي خريداري لاءِ بيٺل هونديون آهيون، بي بي سي مطابق ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي بيگ جي قيمت 2800 رپيا  جڏهن ته صوبي جي ٻين علائقن ۾ 3200 رپين جي بلندترين سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته 8 ڪلوميٽر سائيڪل تي سفر ڪري ايندڙ هڪ پيرسن چيو ته مان پنهنجي خاندان جي 10 ماڻهن کي کارائڻ لاءِ محنت مزدوري ڪندو آهيان، هتي اٽي جي انتظار ۾ ويهڻ سبب نه مزدوري ڪري پيو سگهان نه ئي اهو سستو اٽو ملي رهيو آهي، هن چيو ته يقين ڪريو ته مون ۾ مارڪيٽ مان مهانگو اٽو خريدڻ جي بلڪل سڪت ناهي، ٻن هفتن دوران 20 ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 700 رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.